اسلام آباد: پي ٽي آءِ ۽ فوجي ترجمان جي بيانن وارو مامرو سينيٽ ۾ پهچي ويو، سينيٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي  آءِ جي مرڪزي نائب صدر سينيٽر اعجاز چوڌري چيو آھي ته پاڪ فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر کان پڇڻ چاهيان  ٿو ته کيس روز بيان ڏيڻ جي ضرورت ڇو پئجي رهي آھي ته ڪا سازش نه ٿي آھي، پاڪ فوج جي شهيدن جا گهرڀاتي امپورٽڊ حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيا آھن، آصف زرداري ، نواز شريف ، مريم نواز ، خواجه آصف فوج خلاف بيان ڏنا، هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر فوج کي سياست ۾ نه گهلڻ بابت ڪنهن کي چئي رهيو آھي ۽ هو بيان ڏئي ڪنهن کي جواب ڏيڻ گهري ٿو، پاڪ فوج جو سپريم ڪمانڊر صدر پاڪستان سازش بابت سپريم ڪورٽ کي خط لکي چڪو آھي، هن چيو ته فوجي ترجمان پاڻ فوج کي سياست ۾ گهلي رهيو آهي،  هي حڪومت علي وزير ۽ محسن داوڙ جي ووٽ تي بيٺل آھي، نواز ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته چيو ويو ته سازش ٿي آھي، سازش ذوالفقار ڀٽو خلاف ٿي هئي جيڪا نظر اچي ٿي ،بينظير ڀٽو ، لياقت علي کي گولي لڳي سازش نظر اچي ٿي، نواز شريف کي هٽائڻ کان ست مهينا اڳ اسٽوري آئي ته نواز شريف کي پاناما تحت سپريم ڪورٽ ذريعي هٽايو ويندو اها سازش آھي، جج پارليامينٽ کي حدن ۾ رهڻ جو  چئي رهيا آھن کين به حدن جو خيال ڪرڻ گهرجن، پاڪستان ۾ ڪهڙا ڪهڙا تجربا نه ڪيا ويا پاڪستان کي تجربيگاهه بنايو ويو .