اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ پي ٽي آءِ خلاف پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ٻڌائڻ وارو سنگل بينچ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس بابت انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت 4 صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم نامو جاري ڪندي پي ٽي آءِ جي اپيل جزوي طور تي منظور ڪري ورتي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پهرين اپريل 2022 جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل هدايتن سان گڏ اڪلائي ڇڏي. عدالتي حڪم نامي ۾ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها ٻين جماعتن خلاف رڪيل ڪارروائي کي جلد کان جلد مڪمل ڪري. عدالت تحريري فيصلي ۾ لکيو ته اليڪشن ڪميشن تي شڪ جي گنجائش ناهي ته سڀني جماعتن سان هڪ جهڙو ورتاءُ ٿيندو. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن سڀني جماعتن جا ڪيس مناسب وقت ۾ اڪلائيندي.