اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اتحادي حڪومت پيٽرول اگهن ۾ واڌ جو ذميوار اڳوڻي حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته اگهه وڌائڻ کانسواءِ ڪو رستو نه هو، ملڪ ڏيوالو ٿي وڃي ها، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي روشني ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، اثرن کان چڱي ريت آگاهه آهيون پر آءِ ايم ايف سبب معاهدي تحت اهو اڻٽر هو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي تي پي ٽي آءِ حڪومت صحيحون ڪيون هيون ۽ اسان پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف سان ڊيل جي تفصيلن تي جلد قوم کي اعتماد ۾ وٺنداسين. شهباز شريف چيو ته انشاءَالله اسان ڏکين معاشي حالتن مان نڪري اينداسين. هوڏانهن وفاقي وزيرن ۽ مُشيرن پيٽرول اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي پيدا ڪيل ڏُکيائين سبب ٽيون ڀيرو پيٽرول مهانگو ڪرڻو پيو، قوم جون عادتون مَٽائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، حڪومت اڪيلي سر ملڪ نٿي هلائي سگهي، دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته چئن ورهين جي برائي وک وک تي رنڊڪ بڻيل آهي ڇو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اهڙيون ڏکيائيون پيدا ڪيو آهن جو ڪالهه رات ٽيون ڀيرو پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻي پئي. اگهه نه وڌايون ها ته ملڪ ڏيوالو ٿي وڃي ها، هٿ ٻڌي اپيل ڪريون ٿا ته بچت ۽ سادگي ڏانهن وڃو، هاڻي سادگي اسان جي ڪلچر جو حصو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت اڪيلي سر ملڪ نٿي هلائي سگهي سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان کي معيشت کنڊر جي حالت ۾ ملي، اسان لاءِ مشڪل هو ته چونڊون ڪرايون يا معيشت کي بچايون. هن چيو ته آءِ ايم ايف جا شرط پي ٽي آءِ حڪومت طئي ڪيا هئا انهن کي پورو ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو نه هو،  عمران خان پنهنجي حڪومتي دور جي ڪا به ڳالهه نٿو ڪري، هن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به مارڪيٽون رات جو هڪ وڳي تائين کليل ناهن هونديون، سڄي دنيا ۾ 6 وڳي تائين مارڪيٽون بند ٿي وينديون آهن، مارڪيٽون تڪڙيون بند ٿينديون ته بجلي جي بچت سبب تيل جي بچت ٿي سگهي ٿي، اسان جا واپاري اڃا ان تجويز کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن، هٿ ٻڌي اپيل ڪريون ٿا ته بچت ۽ سادگي ڏانهن وڃو، هن چيو ته سموري صورتحال جي ذميواري اسان کڻنداسين ته مهانگائي گهٽ ٿئي ۽ عام ماڻهو جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي اچي ۽ اهو ضرور ٿيندو، جيڪڏهن روس يوڪرين جنگ بند ٿئي ته تيل جا اگهه گهٽجي ويندا، اسان عالمي سياسي ڪراس فائر ۾ اچي ويا آهيون. خواجه آصف چيو ته اسان ايٽمي قوت آهيون ۽ شايد ايٽمي قوت اسان کي بچائي رهي آهي. قمر زمان ڪائره چيو آهي ته بازارون سوير بند ٿينديون ته بجلي ۽ تيل جي بچت ٿي سگهندي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته فالتو خرچ ڪنٽرول نه ڪريون ۽ چئون ته حڪومت سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري. هن چيو ته تمام گهڻي سبسڊي سان خزانو خالي ٿي رهيو هو، وزيراعظم پنهنجي پيٽرول ڪوٽا ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، سرڪاري ملازمن جي ڪوٽا به گهٽ ڪئي وئي آهي، مصدق ملڪ چيو ته هڪ مهينو قيمتون نه وڌايون ها ته خزاني تي 120 ارب جو ماهوار بار هو. وفاقي وزير اسعد محمود چيو ته اسان نه ڪيل گناهن سان گڏ عوام جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهيون، عمران خان جڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو عمران خان قومي مجرم آهي، عمران خان پاران پاڪستان مخالف طرز حڪومت اختيار ڪرڻ پاڪستان مخالف معاشي پاليسيون ۽ سياسي بحران پيدا ڪرڻ تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي،