اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم قيمتن ۾ اضافي تي حڪومتي ميمبر به ڪاوڙجي پيا، سينيٽ ۾ اپوزيشن جو احتجاج، هنگامو، قومي اسيمبلي ۾ به ميمبرن جو ردعمل، تيل قيمتن ۾ واڌ واپس  وٺڻ جو مطالبو، تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اپوزيشن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٿيل واڌ خلاف احتجاج ڪيو، نعرن سبب ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو، اپوزيشن جي سينيٽرن سينيٽ چيئرمين جي روسٽروم جو گهيراءُ ڪيو ۽ پيٽرول قيمتن ۾ واڌ واپس وٺو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ظالماڻو اضافو واپس وٺو ، ظالم بجيٽ نامنظور جا نعرا لڳايا ويا. سينيٽ چيئرمين چيو ته احتجاج ڪرڻ جو هي ڪهڙو طريقو آهي؟ سيٽ تي ويهي رهو، ٻاهر وڃي نعرا هڻو، جنهن تي اپوزيشن سينيٽر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، پر ٻن منٽن کان واپس اچي ويا. اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم چيو ته، اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته ناڻي جو وزير ۽ آءِ ايم ايف جو نمائندو ڪٿي آهي، ڪهڙي ٻِـر ۾ لڪي ويهي رهيو آهي؟ چيئرمين صاحب! توهان ناڻي جي وزير کي سينيٽ ۾ طلب ڪريو، ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته جيڪو فصل هنن پوکيو اهو جوان ٿي ويو آھي ان کي اسان کي ڪٽڻو پوي ٿو، جماعت اسلامي جي مشتاق احمد چيو ته حڪومت 20 ڏينهن ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 84 ۽ ڊيزل جي لٽر تي 120 رپين  جو اضافو ڪيو  آھي، اها سنگدلي ۽ معاشي قتل آھي عوام دشمن حڪومت رات جي اوندهه ۾ عوام تي حملو ڪري رهي آھي، هي چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جي رستي تي هلي رهيا آھن، ٻه هزار پاڻ وٽ رکو، اسان کي شيون پراڻي اگهه تي ڏيو، ملڪ کي آءِ ايم ايف جو اڏو بنايو ويو آھي، پي ٽي آءِ جي شبلي فراز چيو ته پيٽرول مصنوعات ۾ واڌ جو مامرو ختم نه  ٿيو آهي، بجيٽ تحت اڃان في لٽر تي ليوي لڳڻي آھي، اعجاز چوڌري چيو ته هي عمران حڪومت ۾ ته هر وقت چوندا هئا ته اسان جي حڪومت آءِ ايم ايف کان ڊڪٽيشن وٺي ٿي پر هي ته آءِ ايم ايف آڏو سمهي پيا آهن. پي ٽي آءِ سينيٽر دوست محمد خان نواز ليگ جي عرفان صديقي کي نواز شريف ۽ شهباز شريف جو بوٽ پالش ڪندڙ قرار ڏنو، جي يو آءِ جي مولانا عطاءُالرحمان کي گزيٽيڊ چور چيو جنهن تي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج ڪيو، جڏهن ته سينيٽ ۾ واضح اڪثريت رکندڙ حڪومتي اتحاد ڪورم پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، پي ٽي آءِ پاران ڪورم جي نشاهدهي تي اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ به حڪومتي توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن پيٽروليم جي قيمتن ۾ اضافي تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي وڌايل قيمتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته موجوده حڪمران جڏهن اپوزيشن ۾ هئا ته کين عوام جو درد هو پر حڪومت ۾  اچڻ کان پوءِ انهن مان عوام جو درد ختم ٿي ويو آهي، هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ڪنهن جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي، حڪومت پيٽرول قيمتن ۾ اضافو ڪري عوام کي نپوڙي رهي آهي، بجيٽ ۾ قبرون کوٽڻ سان گڏ ڪفن دفن لاءِ به پيسا رکيا وڃن، مفتاح اسماعيل مصدق ملڪ آءِ ايم ايف نمائندا آهن،  اسلم ڀوتاڻي چيو ته اگر آبادگارن کي 2 لک رپين جا بل موڪليا ويندا ته اهو انهن جو معاشي قتل هوندو، ذمينداري تباهه ٿي ويندي، پي ٽي آءِ جي مير محمد خان جمالي چيو ته 8 هفتن ۾ 84 رپيا ليٽر پيٽرول ۽ 119 رپيا في ليٽر ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي آهي، لڳي ٿو ته پيٽرول، ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت 400 رپين تي پهچي ويندي، نواز ليگ جي جاويد حسنين چيو ته هارين جي خراب حالت ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، محسن داوڙ چيو ته سڀ کان آسان فارمولو اهو  آهي ته پيٽرول جون قيمتون وڌائي غريب ماڻهن تي  بار وڌو وڃي، آءِ ايم ايف وارا پيسا نه  ڏيندا ته اسان ڊفالٽ ڪري وينداسين، ٿي سگهي ٿو ته اهي نئين جنگ ۾ اسان جو ساٿ چاهيندا هجن، حڪومت ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو ڪو ٻيو نظام نه ٺاهيو آهي رڳو پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ جو آسان طريقو ڳوليو آهي، پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبر افضل ڌانڌلا چيو ته مهانگائي جي دور ۾ سچ ڳالهائڻ به مهانگو پئجي ماڻهو هاڻي نه مري سگهن ٿا نه جي سگهن ٿا، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ناقابل برداشت آهي، حڪومت ان کي واپس وٺي،  نواز ليگ جي رائو اجمل چيو ته شايد مان ايندڙ اليڪشن ۾ حصو نه وٺان جنهن ملڪ جي معيشت خراب ڪئي اهو اسرائيل جو ايجنٽ آهي، اگر ٽن مهينن ۾ پيٽرول جون قيمتون گهٽ نه ٿيون ته هن حڪومت لاءِ کڏون کوٽجي وينديون، پيپلز پارٽي جي سيد حسين طارق چيو ته يوڪرين ۽ روس جي جنگ جو پاڪستان تي منفي اثر ٿيو آهي، چونڊيل نمائندا عوام جو اعتماد وڃائي چڪا آهن اسان کي غلطيون ٺيڪ ڪرڻيون پونديون، عوام وانگر بيوروڪريسي، سياستدانن کي بار برداشت ڪرڻو پوندو، 10 سالن جي پاليسي ٺاهي ان تي عمل ڪرايو وڃي، خساري ۾ هلندڙ ادارن بابت فيصلو ڪيو وڃي، گذريل حڪومت ۾ هڪ رپئي جي به نجڪاري نه ٿي.