پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا، اڳوڻي ايم اين اي کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو

0
262
پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا، اڳوڻي ايم اين اي کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو
پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا، اڳوڻي ايم اين اي کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا، ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي

 وفاقي پوليس پي ٽِي آءِ جي ريجنل صدر علي نواز اعواڻ جي گهر تي ڇاپو هنيو پر هو گهر ۾ موجود نه هو

 اڳوڻي وفاقي وزير عمر ايوب جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو، عمر ايوب به پوليس کي هٿ نه اچي سگهيو، پوليس عمر ايوب جي ملازمن  کان پڇا ڳاڇا بعد واپس رواني ٿي وئي

 ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي صائمه نديم کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صائمه  نديم کي پرڏيهي اڏام مان آف لوڊ ڪيو ويو

 صائمه نديم پرڏيهي اڏام اي ڪي 503 ذريعي ٽورنٽو وڃي رهي هئي، ايف آءِ اي  اڏام جي روانگي تائين صائمه نديم کي انٽرنيشنل ڊيپارچر ۾ روڪي رکيو، صائمه نديم کي ايئرپورٽ پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙادارن وٽ پي ٽي آءِ قيادت جي فهرست موجود آهي

هي به پڙهندا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو