اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
136
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري  ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي آهي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب  اسد عمر جي گرفتاريءَ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي، اسد عمر طرفان وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٿري ايم پي او تحت اسد جي گرفتاري  ڪالعدم قرار ڏيندي  کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت اسد عمر کي پرتشدد احتجاج جو حصو نه بڻجڻ جو بيان حلفي جمع ڪرائڻ جو حڪم به ڏنو

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين اوهان پريس ڪانفرنس نه ڪندا، هو اوهان کي نه ڇڏيندا، جنهن تي بابر اعواڻ جواب ڏنو ته پريس ڪانفرنس اسان نه ڪنداسين

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته اسد عمر جا ٻه ٽويٽس آهن، اهي ته فوري طور ڊليٽ  ڪرايو، جنهن تي بابر اعواڻ چيو اها خبر آهي ته پوءِ اوهان جي حڪم جي تعميل ڪنداسين

هي به پڙهندا

شيرين مزاري پاران پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان