جي ايڇ ڪيو تي حملي بابت پي ٽِي آءِ جي عورت ميمبرز جي آڊيو ليڪ ٿي وئي

0
435

اسلام آباد: جي ايڇ ڪيو تي حملي بابت پي ٽِي آءِ جي عورت ميمبرز جي آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي، عسڪري اداري تي حملي لاءِ اڪساهڻ ۾ پي ٽِي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي ڪنول شوزب جو ڪردار سامهون آيو آهي

 آڊيو ۾ عورت ميمبرز کي جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو، عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ منظر تي آيل آڊيو ۾ اڳوڻي ايم پي اي فرح عورت ڪارڪنن کي ڪنول شوزب جو پيغام پهچائي رهي آهي

 آڊيو ۾ اڳوڻي ايم پي اي فرح عورت ڪارڪنن کي چئي رهي آهي ته ڪنول شوزب چيو آهي ته جي ايڇ ڪيو طرف اچڻو آهي

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا، اڳوڻي ايم اين اي کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو