لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اجلاس نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ چيئرمين رميز راجا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نئين پراجيڪٽ سان گڏ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ قومي مينز ۽ وومينز ٽيمن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران گورننگ بورڊ قومي ٽيم جي ڪارڪرگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي قومي رانديگرن لاءِ ريڊ ۽ وائٽ ڪيٽيگري ۾ نئين سينٽرل ڪنٽريڪٽ کي منظور ڪري ورتو. ذريعن ٻڌايو ته بورڊ ڪارڪنن طوبيٰ حسن جي ڪارڪردگي سميت قومي ٽيم جي پرفارمنس کي ساراهڻ سان گڏوگڏ ويمنز ٽيم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ تي به زور ڏنو. ذريعن موجب پي سي بي ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا اطلاع پڻ آهن.