ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته مونکي اميد آهي ته پاڪستان 2022ع جو ايشيا ڪپ کٽندو. تفصيل موجب اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پوئين سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ڪاميابي پاڪستان لاءِ اميدون وڌائي ڇڏيون آهن. هن چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ٻيون ٽيمون به سٺيون آهن پر ايشيا ڪپ 2022 ۾ اصل مقابلو ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندو. اڳوڻي ڪپتان چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڀارت هڪ سٺي ٽيم آهي پر پاڪستان جهڙي طرح ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي ان جو ڪوبه مثال نٿو ملي، پاڪستان وٽ شاهين آفريدي، بابراعظم ۽ محمد رضوان جهڙا رانديگر آهن جن کي آءِ سي سي بهترين رانديگر قرار ڏنو آهي.