لاهور (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ۾ پشاور زلمي جي مينٽور انضمام الحق پي ايس ايل ميچز ۾ بائونڊري وڏي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. قذافي اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي انضمام الحق چيو ته فاسٽ آئوٽ فيلڊ سٺي شيءَ آهي ان سان رنز تيزي سانٺهن ٿا پر ننڍي بائونڊري هوندي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ بيٽرز کي مسئلا ڏسڻا پوندا. جنهن جو نقصان پاڪستاني ٽيم کي ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن توهان وڏي بائونڊري تي يٽنگ ڪندئو ته ان سان فائدو ٿيندو. هن چيو ته پشاور زلمي فارم ۾ آهي ۽ چارئي ٽيمون محنت ڪري پلي آف ۾ پهتيون آهن. اميد آهي ته پشاور زلمي فائنل تائين پهچي ويندي.