رياض (اسپورٽس نيوز) سعودي فٽبال ڪلب النصر جو اسٽار فٽبالر ڪرسٽينا رونالڊو لاڳيتو ٽئين ميچ ۾ گول نه ڪري سگهڻ تي پريشان ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب النصر  ۽ اڀا فٽبال ڪلب وچ ۾ ميچ ۾ 3_1 تان ڪاميابي ماڻڻ باوجود رونالڊو ان ميچ ۾ ڪو به گول نه ڪري سگهيو. ۽کيس النصر ڪلب جوائن ڪرڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو يلو ڪارڊ ڏيکاريو ويو جنهن تان هو ڪاوڙ جي ويو. رونالڊو جي ڪاوڙ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. يلو ڪارڊ ڏيکارڻ تان ڪاوڙ ۾ رونالڊو بال کي لت هڻي پري اڇلائي ڇڏيو.