ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جون رهيل ميچز ابوظبهي ۾ ٿيڻ سٺو سنوڻ قرار پيو وڃي. ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، لاهور ۽ اسلام آباد فرنچائز مالڪن ٽوئٽ ڪري خوشي جو اظهار ڪيو. ڪراچي ڪنگز جي مالڪ سلمان اقبال ٽوئيٽ ڪيو ته ليگ جا ڪجهه معاملا رهجي ويا آهن، انهن تي ڳالهائڻ ضروري آهي، پي ايس ايل جون رهيل ميچز ابوظهبي ۾ ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي. ٻين فرنچائز مالڪن چيو ته پي ايس ايل جون رهيل ميچز ٿيڻ سٺي خبر آهي، هاڻ وري رونقون بحال ٿينديون.