لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پاڪستان سپر ليگ 6 جون رهيل ميچون ابو ظهبي ۾ ڪرائڻ جي منظوري ملي وئي. ابو ظهبي ۾ پي ايس ايل 6 جون باقي ميچون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ سموريون رنڊڪون ختم ٿي ويون آهن ۽ پي سي بي ۽ سڀني فرنچائز مالڪن وچ ۾ آن لائن اجلاس کانپوءِ ايونٽ بابت انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي رهيل ميچون ابو ظهبي ۾ ڪرائڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي حڪومت طرفان مڪمل منظوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. بي سي بي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان موجب اسان ايونٽ ڪرائڻ لاءِ مڪمل تيار آهيون، جڏهن ته اماراتي حڪومت، انهن جي نيشنل ايمرجنسي ڪرائسز اينڊ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، امارات ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ابو ظهبي اسپورٽس ڪائونسل جا ٿورائتا آهيون، گڏوگڏ ايونٽ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عيدالفطر جي موڪلن باوجود سخت محنت ڪرڻ تي پي سي بي اسٽاف جا به ٿورا مڃون ٿا.