سڊني(دلچسپ نيوز) آسٽريليا ۾ سمنڊ مان پوڻا 7 مڻ وزني مڇي هٿ، مهاڻا حيران ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيوسائوٿ ويلز جي سمنڊ ڪناري ٽونا فش پڪڙي وئي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪوفس هاربرتي ڪم ڪندڙ ٻيڙي جي قسمت جاڳي پئي ڇاڪاڻ ته مهاڻن جي ڄار ۾ نادرن بليو فن ٽونا فش نالي مڇي ڦاٿي، جڏهن ان مڇي جو وزن ڪيو ويو ته اهو 271 ڪلوگرام ٿيو جنهن تي مهاڻا حيران ٿي ويا، سڊني فش مارڪيٽ جي واپارين جو چوڻ آهي ته بليو فن ٽونا فش جو وزن لڳ ڀڳ 60 ڪلوگرام هجي ٿو. اها مڇي سامونڊي غذا ورهائڻ تي مقرر فرم ڪلائوڊي دي فوڊز کي وڪرو ڪئي وئي. اها فرم آسٽريليا ۾ جاپاني ريسٽورينٽس کي سامونڊي غذا فراهم ڪندي آهي. چيو پيو وڃي ته نادرن بليو فن ٽونا فش پنهنجي ذائقي سبب دنيا جي سڀ کان پسنديدا مڇين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي.