پيپلز پارٽي ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تان نبيل گبول کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي

0
322
پيپلز پارٽي ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تان نبيل گبول کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي: پيپلز پارٽي ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تان نبيل گبول کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي 9 سيٽن تي ضمني چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پولنگ 25 سيپٽمبر تي ٿيندي

تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان هڪ ئي وقت مردان، چارسده، پشاور، ڪرم، فيصل آباد، ننڪانه، ملير، ڪورنگي ۽ ڪراچي ڏکڻ (لياري) مان چونڊ وڙهندو

اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 22 مردان، اين اي 24 چارسده، اين اي 31 پشاور، اين اي 45 ڪرم، اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪانه صاحب، ڪراچي جي 3 تڪن اين اي 237، 239، 246 تي ضمني چونڊ 25 سيپٽمبر تي ٿيندي

گذريل ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نبيل گبول قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا

نبيل گبول رونا 246 تي اعتراض واري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي ۽ موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ آمريڪي واپارين کان فنڊ حاصل ڪئي. ۽ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جا 13 ڳجها اڪائونٽس سامهون اچي ويا

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن واضح ڪري ته پي ٽي آءِ جعلي حلف ناما جمع ڪرايو، عمران خان جعلي ايف ون فارم اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو

ھي به پڙھندا

عمران خان پاران قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل 9 تڪن تان پاڻ ننڍي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو

!ڪراچي ۾ نبيل گبول جو ساٿي هٿياربندن هٿان قتل

نبيل گبول ريحام خان کي ڪڏھن شادي جي آڇ ڪئي؟