عمران خان پاران قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل 9 تڪن تان پاڻ ننڍي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو

0
286
نيٺ عمران خان کي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل 9 ئي تڪن تان پاڻ ننڍي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي
پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽويٽ اڪائونٽ تي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته عمران خان 9 ئي تڪن تي پاڻ چونڊ وڙهندو
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي 9 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ٿيڻ بعد خالي ٿيل تڪن تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو
شيڊول موجب خالي ٿيل 9 ئي تڪن تي ننڍي چونڊ 25 سيپٽمبر تي ٿيندي، اُميدوارن طرفان 10 کان 13 آگسٽ تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا
اليڪشن ڪميشن موجب 17 آگسٽ تي نامزدگي فارمز جي ڇنڊڇاڻ ٿيندي، 25 سيپٽمبر تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي