هيليڪاپٽر حادثي بابت سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم هلائڻ تي فوج پاران سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار

0
287
هيليڪاپٽر حادثي بابت سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم
هيليڪاپٽر حادثي بابت سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم هلائڻ تي فوج پاران سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار

پاڪ فوج لسٻيله هيليڪاپٽر حادثي بابت سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم هلائڻ تي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي
آءِ ايس پي آر موجب هيليڪاپٽر حادثي بعد سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم جي ڪري شهيدن جي وارثن جي دل آزاري ٿي، جنهن تي شهيدن جي خاندانن ۽ فوج جي رينڪ اينڊ فئال ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ ڇانيل آهي
آءِ ايس پي آر موجب ڏکئي گهڙي ۽ تڪليف ۾ پوري قوم فوج سان گڏ هئي، پر ڪجهه بي حس حلقن طرفان سوشل ميڊيا تي غلط واويلا ڪئي وئي، جنهن سان شهيدن جي وارثن جي دل آزاري ٿي ۽ کين ڏک پهتو، فوج اهڙي عمل جي مذمت ڪري ٿي