پي ٽي آءِ حڪومت کي اسيمبليز ٽوڙڻ لاءِ هڪ مهيني جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو

0
266
اسيمبليز ٽوڙڻ لاءِ هڪ مهيني جو الٽيميٽم
پي ٽي آءِ حڪومت کي اسيمبليز ٽوڙڻ لاءِ هڪ مهيني جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) پي ٽي آءِ حڪومت کي اسيمبليز ٽوڙڻ لاءِ هڪ مهيني جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ وڏي جلسي جو به اعلان ڪيو ويو آهي
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو آهي ته اسان کي اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به فيصلي ۽ چونڊن جي عمل تي ڀروسو نه آهي
هن چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ اسان اسلام آباد ۾ وڏي اجتماع جي تاريخ ڏينداسين، جلسي ۾ اسان چونڊن جي تاريخ جي اعلان جو الٽيميٽم به ڏينداسين، اسان حڪومت کي هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت نٿا ڏئي سگهون
فواد چوڌري خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت هڪ مهيني اندر اسيمبليز ٽوڙي عام چونڊن جو اعلان نٿي ڪري ته پوءِ اسان جي اڳين قدم لاءِ تيار ٿي وڃي
فواد چوڌري چيو ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز جي هوندي شفاف چونڊون نه ٿينديون، پي ٽي آءِ کي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز تي ڀروسو نه آهي، اليڪشن ڪميشن کي 16 آگسٽ تائين انتظار ڪرڻ گهرجي ها