پيپلز پارٽي پاڪستان ٽوڙڻ جي ايجنڊا تي هلي رهي آهي: ايم ڪيو ايم

0
263

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان جي سمورن ادارن کي ٻڌائي رهيا آهيون ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان ٽوڙڻ جي ايجنڊا تي هلي رهي آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته ٽنڊي الهيار ۾ احتجاج ڪندڙ اسان جي مائرن ۽ ڀينرن کي ماريو پيو وڃي، ڪالهه اسان جي ڪارڪن کي عدالت ٻاهران هٿيارن سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي

هن الزام هنيو آهي ته سنڌ کي قومپرستن طرفان جنگ جي حالت ۾ رکيو ويو آهي، ڇا انهن پاڪستان جي پٽن کي ساهه کڻڻ جي به اجازت ناهي؟

هن چيو آهي ته ڇا انهن عورتن ۽ ٻارن کي اجازت ناهي ته هو پنهنجن پيارن تي ماتم ڪن؟، اسان جي ماڻهن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا ۽ سڄي رات گرفتاريون ڪيون ويون آهن

هن چيو آهي ته اسان کي قتل به ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، ڪالهه پيپلز پارٽي جي ماڻهن بد امني پکيڙي اسان جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي