ناظم جوکيو قتل ڪيس: حتمي چالان پيش نه ٿيو، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

0
232
شهيد ناظم جوکيو ڪيس

ملير (ن پ ا) ملير جي عدالت ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ چالان تي  ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ جاچ آفيسر، ضلعي پراسيڪيوٽر  ۽ ڌرين جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا

ڪيس جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر حتمي چالان لاءِ وڌيڪ وقت گهري ورتو، سرڪاري وڪيل چيو ته ايف ايس ايل جي حتمي رپورٽ ناهي ملي، حتمي چالان جو فائل پراسيڪيوٽر جنرل کي موڪلي آھي

عدالت سرڪاري وڪيل تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو آهي ته حتمي چالان جمع ٿئي ڪافي وقت ٿيو آھي، هن وقت تائين عدالت ۾ ڇو ڪونه جمع ڪرايو ويو آھي

سرڪاري وڪيل چيو ته چالان پهريان پنج ڏينهن ماڊل ڪورٽ ۾ ھو، ڇو ته اتي ٻين جوابدارن جي ضمانت جي درخواست تي فيصلو ٿيڻو هو، ان جي اڳئين ڏينهن فائل پراسيڪيوٽر جنرل کي موڪلي جتان واپس ناهي آئي

عدالت چيو ته واقعي کي ڪيترا مهينا گذري چڪا آھن هن وقت تائين چالان جمع ناهي ٿيو

فريادي جي وڪيل چيو ته حتمي چالان پيش ٿيڻ بعد دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ تي دليل ڏنا ويندا، سيشن عدالت ضمانتون رد ڪندي ڪيس کي دهشتگردي قرار ڏنو آھي، جنهن بعد عدالت پراسيڪيوشن کي حتمي چالان 26 جنوري تائين جمع ڪرائڻ جو حڪ ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي