پيپلزپارٽي طرفان ڪراچي جي 246 يوسيز مان 100 يوسيون کٽڻ جي دعويٰ

0
291

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ڊويزن جي 246 يوسيز مان 100 يوسيز تي ڪاميابي جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته مڪاني چونڊن ثابت ڪري ڇڏيو ته پ پ سڀ کان وڏي پارٽي آهي، ڪراچي واسين جو پهرين به پ پ تي اعتماد هو ۽ هاڻي به آهي، خواهش هئي ته ايم ڪيو ايم چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪري ها، احتجاج سندن حق آهيوزيراعظم، صدر، وفاقي

هن چيو ته ڪا به پابندي نٿا هڻي سگهون، جماعت اسلامي اسان کان پوئتي آهي، ڪاميابي تي کين واڌايون هجن، پ پ ڪراچي ۾ سنگل لارج پارٽي بڻجي وئي آهي، پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ جماعت اسلامي سميت ٻين ڌرين سان ڳالهائينداسين

پي ٽي آءِ سان اتحاد جو ڪو به ارادو ناهي، پ پ جي ننڍڙي جيالي پي ٽي آءِ جي ميئر لاءِ بيٺل اميدوار خرم شير زمان کي هارائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي دماغ مان هوا نڪري وئي، ڪراچي واسين عمران خان ۽ سندس پارٽي کي رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي رهواسين کي يقين ڏياريون ٿا ته پ پ اوهان جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي

هي به پڙهندا

حيدرآباد ۾ 64 يوسيز تي پيپلز پارٽي جا اميدوارميدان ماري ويا

اڄ شام تائين ڪراچي جي سمورين يوسيز جا نتيجا پڌرا ڪيا ويندا: اليڪشن ڪمشنر سنڌ