لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ نگران سيٽ اپ لاءِ سرگرميون شروع، تحريڪ انصاف پاران نگران وزيراعليٰ لاءِ احمد نواز سکير، نصير احمد خان ۽ ناصر سعيد کوسا جا نالا فائنل، حتمي فيصلي لاءِ اڄ اجلاس طلب، نواز ليگ طرفان جسٽس (ر) خليل رمدي، ناصر سعيد کوسا ۽ جسٽس جواد ايس خواجا جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته اپوزيشن سان ٽن مان هڪ نالي تي اتفاق ٿي ويندو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ قيادت جو اجلاس، نگران وزيراعليٰ لاءِ مشاورت ڪئي وئي، عمران خان وزيراعليٰ پرويز الاهي سان به ملاقات ڪئي، ملاقات دوران نگران وزيراعليٰ لاءِ ٽن نالن کي فائنل ڪيو ويو، ملاقات کانپوءِ وزيراعليٰ پرويز الاهي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين سان ملاقات ٿي، عمران خان نگران وزيراعليٰ پنجاب لاءِ 3 نالا فائنل ڪيا آهن، عمران خان چيو آهي ته 3 نالا اماڻيو، پهرين نمبر تي احمد نواز سکيرا، ٻئي نمبر تي نصير احمد خان ۽ ٽيون نالو اڳوڻي چيف سيڪريٽري ناصر سعيد کوسا جو فائنل ڪيو ويو آهي، نگرن وزيراعليٰ لاءِ پهرين نمبر تي نامزد احمد نواز سکيرا 22 هين گريڊ جو سينيئر ترين ڪامورو آهي، احمد نواز سکيرا سيڪريٽري واپار ۽ سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن رهيو آهي، احمد نواز سکيرا اطلاعات سميت مختلف وزارت جو سيڪريٽري رهي چڪو، جڏهن ته نصير احمد جو نالو نارووال سان آهي، صحت جو اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري به رهي چڪو آهي، ناصر سعيد کوسا اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي طارق کوسا ۽ اڳوڻي چيف جسٽس کوسا جو ڀاءُ آهي، صحافي سوال ڪيو ته ق ليگ نگران وزيراعليٰ لاءِ نالا ڏنا؟ جنهن تي پرويز الاهي چيو ته عمران خان جيڪي 3 نالا ڏنا آهن، اسانجو ان تي اتفاق آهي، اڄ گڏجاڻي رکي وئي آهي، جنهن ۾ وڌيڪ مشاورت ڪئي ويندي، پرويز الاهي چيو ته نگران وزيراعليٰ لاءِ تجويز ڪيل نالا گورنر کي اماڻينداسين، گورنر نواز ليگ کي نالا ڏئي ڇڏيندو، گورنر به انهن جو آهي، اميد آهي ته ٽنهي نالن مان ڪنهن هڪ تي اتفاق ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ٽئي نالا مناسب آهن. پرويز الاهي ق ليگ تحريڪ انصاف ۾ ضم ڪرڻ جو به اشارو ڏئي ڇڏيو، هڪ سوال تي پرويز الاهي چيو ته عمران خان جو خيال آهي ته ق ليگ کي تحريڪ انصاف ۾ ضم ڪيو وڃي، مونس الاهي جو به خيال آهي ته تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿيڻ گهرجي، اسانجي ضم ٿيڻ سان تحريڪ انصاف ۾ طاقت ملندي، اسان لاءِ مشڪلاتون آهن، تحريڪ انصاف لاءِ ته ڪي به مشڪلاتون ناهن، اسانجي ڪوشش آهي ته مستقبل ۾ به تحريڪ انصاف سان گڏجي هلون، هن چيو ته وزيراعظم شهبازشريف خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ تياري مڪمل آهي، هنن جون شڪلون ڏسڻ جهڙيون آهن، هي گهٻرايل آهن.

لاهور: نگران وزيراعليٰ پنجاب لاءِ نواز ليگ ٽن نالن تي غور شروع ڪري ڇڏيو، پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ کانپوءِ نواز ليگ نگران وزيراعليٰ لاءِ نالن تي غور ڪري رهي آهي، ذريعن موجب جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي، اڳوڻي ڪاموري ناصر سعيد کوسا ۽ جسٽس جواد ايس خواجا جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، پارٽي ذريعن موجب نواز ليگ قيادت سينيئر اڳواڻن کان نگران وزيراعليٰ لاءِ وڌيڪ نالا به طلب ڪيا آهن.