ڪراچي(نمائندن وٽان) حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن  ۾ مڪاني چونڊن به حڪمران جماعت پ پ جي ڪاميابي، بدين ۾ مرزا گروپ کي اپسيٽ شڪست، اڪثر اميدوار هارائي ويا. ٺٽي ضلعي جي اڪثر سيٽن کي پيپلز پارٽي ٻهارو ڏئي ڇڏيو. مٽياري شهر ۾ پيپلزپارٽي کي وڏي مارجن تان شڪست، 4 وارڊز مان رڳو هڪ وارڊ تي پ پ اُميدوار کٽي سگهيو، پ پ ايم اين اي شگفته جماڻي جو ڀاءُ به هارائي ويو. دادو ميونسپل ڪاميٽي جي 24 مان 18 وارڊز پ پ ٻهاري وئي، 3 وارڊز تي پي ٽي آءِ ۽ هڪ وارڊ تي آزاد اُميدوار ڪامياب، ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي جي 10 مان 6 وارڊز تي پيپلز پارٽي جا اُميدوار ڪامياب، ڄامشورو اتحاد 4 وارڊز کٽي ويو،مليل اطلاعن موجب سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ پ پ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پهريون ڀيرو جيالو حيدرآباد جو ميئر ٿيڻ جا چٽا امڪان ٿي ويا، حيدرآباد ميونسپل ڪاپوريشن جي 22 يوسيز تي پ پ اُميدوار ڪامياب ٿي ويا 124 يونين ڪاميٽيز ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جا غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري هو ، نيرون ڪوٽ جي يوسي 1، 2، 3، 6، 14 ۽ 15۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي پ پ اُميدوارسوڀارا، حسين آباد ٽائون جي يوسي 131، 129 ۽ 140 ۾ به چيئرمين توڙي وائيس چيئرمين جون سيٽون پ پ کٽي وئي، قاسم آباد ٽائون جي يو سي 125، 126، 146 ۽ 149 ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ پ پ اُميدوار ڪامياب، قاسم آباد جي يوسي 126 ۾ پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو پُٽ عمير چانڊيو وائيس چيئرمين چونڊجي ويو، سچل سرمست ٽائون جي يوسي 91 ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي پ پ اُميدوار ڪامياب ٿي ويا. پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 160 يوسيز مان  100 يونين ڪميٽين تي ڪاميابي ماڻڻ جي دعوا ڪئي آهي. رات دير سان جاري ڪيل تفصيلن ۾ چيو ويو ته 3 يوسيز تي چونڊون اميدوارن جي فوتگي سبب نه ٿيون. ستن جي نتيجو رڪيل آهي. قاسم آباد ٽائون ۾ 12 يوسيز بنامقابلي کٽيون ويون. حسين آباد، نيرون ڪوٽ، سچل سرمست، ميان سرفراز، ٽنڊو فضل ۽ ٽنڊي فضل ۾ ااڪثريت سا پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. دعوا واري بيان ۾ ٽائون وائيز تفصيل شامل نه ڪيا ويا هئا سجاول ۾ پ پ سوڀ ماڻي،  ٻئي طرف ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي سيٽن توڙي يوسيز چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽن تي پ پ جا اڪثر اُميدوار ڪامياب ٿيا غير سرڪاري نتيجن موجب ٽائون ڪاميٽي گهارو جي 6 وارڊز تي پ پ ڪليئن سوئيپ ڪري ورتو، ميرپور ساڪرو ۾ وڏو سياسي اپ سيٽ ٿيو ، سڄي ٽائون ڪاميٽي پ پ کان کسجي وئي،  ٽن مان 2 سيٽن تي پ پ اُميدوار هارائي ويا، پ پ اُميدوار عامر بلوچ کي آزاد اُميدوار اقبال خاصخيلي وڏي مارجن سان هارائي ڇڏيو، ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي 6 ، ٽائون ڪاميٽي مڪلي جي 3 وارڊز  ۽ جاتي ٽائون ڪاميٽي جي ٽن وارڊز ۾ پ پ اُميدوار ڪامياب ٿي ويا، ٻئي طرف مٽياري شهر ۾ پيپلزپارٽي کي وڏي مارجن سان شڪست ملي،  ٽائون ڪاميٽي جي 4 وارڊز مان رڳو هڪ وارڊ تي پ پ اُميدوار کٽي سگهيو، 3 وارڊز جي ڊي اي ٻهاري ورتا، وارڊ نمبر چار تي پ پ ايم اين اي شگفته جماڻي جو ڀاءُ محفوظ جماڻي هارائي ويو، هالا ميونسپل ڪاميٽي جا 16 ئي وارڊز پ پ ٻهاري وئي، ٽائون ڪاميٽي هالا پُراڻا جي 5 وارڊز مان 4 پ پ ۽ هڪ وارڊ تي نواز ليگ اُميدوار سوڀ ماڻي، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب نيو سعيد آباد ٽائون ڪاميٽي جا 6 مان 5 وارڊز پ پ جي جهولي ۾ اچي ويا، جي ڊي اي رڳو هڪ سيٽ کٽي سگهيو، اڏيرو لال ٽائون ڪاميٽي جي ٽنهي وارڊز تي پ پ اُميدوار سوڀارا ٿيا.هوڏانهن دادو ميونسپل ڪاميٽي جي 24 مان 18 وارڊز پ پ ٻهاري وئي، 3 وارڊز تي پي ٽي آءِ ۽ هڪ وارڊ تي آزاد اُميدوار ڪامياب ٿي ويا، جوهي ميونسپل ڪاميٽي جي 8 مان 7 وارڊز تي پ پ اُميدوار کٽي ويا، پي ٽي آءِ هڪ وارڊ کٽي سگهي، ميهڙ ميونسپل ڪاميٽي ۾ پيپلز پارٽي کي ڌَڪ رسيو، 14 مان 8 وارڊز تي پي ٽي آءِ اُميدوار ڪامياب ٿي ويا، پ پ جا 4 ۽ پ پ شهيد ڀٽو جو هڪ اُميدوار ڪامياب ٿيو، پ پ ايم اين اي مسرت رفيق مهيسر جي اباڻي يوسي ۾ به پ پ هارائي وئي، سيتا روڊ ٽائون ڪاميٽي جي 8 مان 7 وارڊز تي پ پ اُميدوار ڪامياب ٿيا، راڌڻ ٽائون جي 9 مان 7 وارڊز تي پ پ اُميدوار کٽي ويا.بدين ميونسپل ڪاميٽي ۾ مرزا گروپ ۽ اتحادين لاءِ وڏو اپ سيٽ ٿيو، 14 مان 12 وارڊز پ پ جي جهولي ۾ اچي ويا، مرزا گروپ، پي ٽي آءِ ۽ اتحادين جا رڳو 2 اُميدوار کٽي سگهيا، پنگريو ۾ مرزا گروپ ۽ جي ڊي اي جو اتحاد پ پ کي هارائي نه سگهيو، 3 مان 2 وارڊز تي پ پ اُميدوار کٽي ويا، مرزا گروپ ۽ اتحادي رڳو هڪ وارڊ ۾ کٽي سگهيا، تلهار ٽائون ڪاميٽي جي 11 مان 10 وارڊز پيپلزپارٽي ٻهاري ويئي، هڪ سيٽ تي آزاد اُميدوار سمون سوڀارو ڪامياب ٿيو اڳوڻو چيئرمين شاهد ٽالپر ۽ سندس پُٽ هارائي ويا.هوڏانهن ڄامشوري ٽائون ڪاميٽي جي 10 مان 6 وارڊز تي پيپلز پارٽي جا اُميدوار ڪامياب ٿيا، جڏهن ته ڄامشورو اتحاد 4 وارڊز کٽي ويو، ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽي جي 14 مان 13 وارڊز تي مڪاني چونڊون ٿيون، 10 وارڊز تي پ پ ۽ 3 وارڊز تي ڄامشورو اتحاد جا اُميدوار چونڊجي ويا، ميونسپل ٻولهاڙي جا 12 مان 11 وارڊز پ پ ٻهاري وئي، هڪ آزاد اُميدوار ڪامياب ٿيو. ٽنڊي الهيار ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊوالهيار جي 23 مان 16 وارڊن تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا. شهر جي وارڊ نمبر 10 ۽ وارڊ نمبر 01 تي پ پ  اميدوار آفتاب احمد جو ڻيجو ڪاميابي ماڻي. وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار غلام مصطفيٰ زرداري، وارڊ نمبر3 تي پ پ جو نواز بلوچ، وارڊ نمبر 4 تي پ پ جو عبدالطيف بلوچ  ڪامياب ٿيو. وارڊ نمبر 5 تي آزاد اميدوار سليم ڪامياب ٿي ويو. وارڊ نمبر 07 تي تحريڪ انصاف جو شڪيل احمد ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، وارڊ نمبر 8 تي تحريڪ لبيڪ جي اميدوار محمد سرورمغل ڪاميابي ماڻي، وارڊ 9 تي پ پ جو اميدوار عابد آرائين ڪامياب ٿيو ۔وارڊ نمبر 11 تي پيپلزپارٽي جو اميدوار پريم ڪمار،وارڊ 12تي تحريڪ انصاف جو غازي خان سامٽيو ، وارڊ 13 تي پيپلزپارٽي جو اميرعلي پتافي، وارڊنمبر 14 تي پيپلزپارٽي جو پرويزعلي سمون، وارنمبر 15 تي پ پ اميدوار سهيل، وارڊ 16 تي تحريڪ لبيڪ جو اميدوار حافظ فيصل قائمخاني، وارڊ نمبر 17 تي پ پ جو حاجي فرحان پتافي، وارڊ 18 تي تحريڪ  انصاف جو يونس خانزادو، وارڊ 19 تي پ پ جو شهزاد سونارو ڪامياب ٿيو.  وارڊ 20  تي پ پ جو رمضان مئيو، وارنمبر 21 تي پ پ اميدوار راجا غلام مصطفيٰ هاليپوٽو، وارڊ 22 تي پ پ  اميدوار جمعه گل پٺاڻ، وارڊ 23 تي پ پ اميدوار نثار احمد جروار 829 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. جڏهن ته وارڊنمبر 6 تي اليڪشن نه ٿي.

ڪراچي( رپورٽ: شاهد ميراڻي، فقير سليم، حبيب جمالي ۽ نظير ميمڻ )سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي مک مڪاني اداري ڪي ايم سي جي ميئر جي چونڊ ڪندڙ 246 يونين ڪاميٽين تي ٿيل چونڊن ۾ پ پ 45 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي سرسي ماڻي ورتي، جڏهن ته جماعت اسلامي  35 سيٽن سان ٻئي ۽  پي ٽي آءِ 25 سيٽن سان ٽئين نمبر تي رهي، رات دير تائين نتيجا نه اچڻ ڪري اميدوارن، ڪارڪنن ۽ صحافين جو وڏو انگ رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ٻاهران موجود هو، جڏهن ته جماعت اسلامي نتيجا نه اچڻ تي ڌرڻن جو چتاءَ ڏنو هو  ان ڏس ۾ مليرضلعي جي 30 مان 27 يوسيز تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي  ويا، گڏاپ ٽائون جي 9 يوسيز تي پ پ اميدوار سوڀارا ٿيا، جڏهن ته ملير ٽائون جي 10 مان 7 يونين ڪاميٽين  جي غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، ضلعي جي ابراهيم حيدري ٽائون جي 11يونين ڪاميٽين تان  پ پ  ڪاميابي ماڻي، مڪاني اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر سلمان عبدالله مراد، بن قاسم جي اڳوڻي ٽائون ناظم جان عالم ڄاموٽ،  پ پ جي اڳوڻي نائب صدر نذير ڀٽو ۽ ملير ڊي ايم سي جي اڳوڻي چيئرمين جان محمد بلوچ سوڀ ماڻي، مڪاني چونڊ ۾ فتح تي جيالن جشن ملهائي هوائي فائرنگ ڪئي، ڪارڪنن پارٽي نغمن تي رقص ڪيا، ڪامياب اميدوارن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي،  ٻئي طرف ڪراچي ۾  جماعت اسلامي ۽  پيپلزپارٽي جا ميئر جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ته پي ٽي آءِ جو  ميئر جو طاقتور اميدوار خرم شير زمان هارائي ويو، جماعت اسلامي جي ميئر جي مضبوط اميدوار حافظ نعيم الرحمان نارٿ ناظم آباد جي يوسي 8 تان 8 هزار ووٽ کڻي پيپلزپارٽي جي دانش چيما ۽ پي ٽي آئي جي ابوبڪر کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. جڏهن ته صدر ٽائون جي يو سي 11 تي پ پ جو ميئر جو اميدوار نجمي عالم 2023 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، سندس مقابلي ۾ بيٺل پي ٽي آءِ جو ميئر جو اميدوار خرم شير زمان 1623 ووٽ کڻي هارائي ويو. ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي دل لياري جي 13 يو سيز تي  پيپلز پارٽي ڪلين سوئيپ ڪري ورتو، هوانهن ڪياماڙيءَ ضلعي مان پي ٽي آءِ جا 11، چنيسر ڳوٺ مان 2، ڏکڻ مان 6، سهراب ڳوٺ مان 4، جناح ٽائون، ابراهيم حيدري ۽ ماڙيپور ٽائون مان 9 اميدوار ڪامياب، اوڀر  ضلع ۾ جماعت اسلامي جو هنزه 233 ووٽ کڻي پهرين نمبر، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو 56 ووٽ کڻي هارائي ويو، جڏهن ته يوسي 2 سولجر بازار مان فردوس شميم نقوي 184 ووٽ کڻي جماعت اسلامي جي مبشر علوي کي هارائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي ارسلان خالد به جماعت اسلامي جي ڪليم الحق کي هارائي ڇڏيو، ڪراچي جي اولهه مان جماعت اسلامي جو محمد مدثر 192 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو فروغ حسين 51 ووٽ کڻي هارائي ويو، گلستان جوهر مان جماعت اسلامي جو سيد ريحان 87 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پي ٽي آءِ جو عبدالقادر خانزادو 53 ووٽ کڻي سگهيو، جڏهن ته ٽي ايل پي جو اقبال خان رڳو 7 ووٽ کنيا، لياقت آباد جي يوسي 3 مان جماعت اسلامي جو چيئرمين 161 ۽ جنرل ڪائونسلر 324 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي اچي ويا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ ڪائونسلر ٻنهي کي شڪست نصيب ٿي، ڏکڻ ضلعي ۾ به جماعت اسلامي جي رضوان 262 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، پي ٽي آءِ جي راحيل کي 121 ووٽ مليا، جڏهن ته چنيسر ڳوٺ مان پيپلز پارٽي جو اورنگزيب تاج 25 ووٽ کڻي چيئرمين واري سيٽ تي ڪامياب ٿي ويو، جماعت اسلامي جو طارق جميل 14 ووٽ کڻي سگهيو، هوڏانهن لانڍي مان پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي 8-8 ووٽ مليا، جڏهن ته جماعت اسلامي جو چيئرمين 208 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، ڪورنگي مان به جماعت اسلامي جو چيئرمين ڪريم 139 ۽ جنرل ميمبر  اميدوار 138 ووٽ ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ٻنهي ميمبرن کي شڪست نصيب ٿي،