حيدرآباد ۾ 64 يوسيز تي پيپلز پارٽي جا اميدوارميدان ماري ويا

0
308

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪاپوريشن جي 160 يونين ڪميٽيز مان 64 يوسيز تي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جا اميدوار ميدان ماري ويا آهن

غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب نيرون ڪوٽ جي يوسي 1، 2، 3، 6، 14 ۽ 15۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي پ پ اُميدوارسوڀارا، حسين آباد ٽائون جي يوسي 131، 129 ۽ 140 ۾ به چيئرمين توڙي وائيس چيئرمين جون سيٽون پ پ کٽي وئي

قاسم آباد ٽائون جي يو سي 125، 126، 146 ۽ 149 ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ پ پ اُميدوار ڪامياب ٿي ويا

 قاسم آباد جي يوسي 126 ۾ پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو پُٽ عمير چانڊيو وائيس چيئرمين چونڊجي ويو، سچل سرمست ٽائون جي يوسي 91 ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي پ پ اُميدوار ڪامياب، پي ٽي آءِ 13 ۽ جماعت اسلامي هڪ يوسيز تي ڪامياب ٿي وئي

مٽياري شهر ۾ پيپلزپارٽي کي وڏي مارجن سان شڪست، ٽائون ڪميٽي جي 4 وارڊز مان رڳو هڪ وارڊ تي پ پ اُميدوار کٽي سگهيو

مٽياري ۾ 3 وارڊز جي ڊي اي ٻهاري وئي، وارڊ نمبر چار تي پ پ ايم اين اي شگفته جماڻي جو ڀاءُ محفوظ جماڻي هارائي ويو، هالا ميونسپل ڪميٽي جا 16 ئي وارڊز پ پ ٻهاري وئي، ٽائون ڪميٽي هالا پُراڻا جي 5 وارڊز مان 4 پ پ ۽ هڪ وارڊ تي نواز ليگ اُميدوار کٽي ويو

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب نيو سعيد آباد ٽائون ڪميٽي جي 6 مان 5 وارڊز پ پ جي جهولي ۾ اچي ويا، جي ڊي اي رڳو هڪ سيٽ کٽي سگهي، اڏيرو لال ٽائون ڪميٽي جي ٽنهي وارڊز تي پ پ اُميدوار سوڀارا ٿيا

هي به پڙهندا

مڪاني چونڊ: هالا ميونسپل ڪميٽي جي 16 وارڊن مان 14 تي پ پ ڪامياب

مڪاني چونڊون: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي کي برتري، پي ٽي آءِ کي ڌچڪو