اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مهانگائي جي سونامي کي منهن ڏيندڙ عوام جو حڪومت ڪو به احساس ڪرڻ بجاءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر قيمت ۾ 13 رپيا، پيٽرول جي في لٽر قيمت ۾ 5 رپيا ۽ گاسليٽ جي في لٽر قيمت ۾ 2 رپيا 56 پئسن جي غير معمولي واڌ ڪري ڇڏي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوان اگهه اڄ کان 15 ڏينهن لاءِ لاڳو هونداتفصيل موجب رات دير سان ناڻي وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن موجب پيٽرول في لٽر جي قيمت ۾ 5 رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي جنهن بعد نئين قيمت 272 رپيا مقرر ڪئي وئي آھي ، في لٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 13 رپين جي  واڌ ڪئي وئي ۽ نئين قيمت 293 رپيا مقرر ڪئي وئي آھي، گاسليٽ جي في لٽر قيمت ۾ 2 رپيا 56 پئسن جي واڌ ڪئي وئي نئين قيمت 190 رپيا 29 پئسا مقرر ڪئي وئي، لائيٽ ڊيزل جي قيمت برقرار رکي وئي جيڪا 184 رپيا 68 پئسا آهي.