اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير مفتاح  اسماعيل چيو آهي ته وزيراعظم غريبن لاءِ سستا پيٽرول ۽ سستو ڊيزل جي نالي سان اسڪيم آندي آهي، جنهن تحت 60 لک خاندانن کي اها دعوت ڏني وئي ته 786 نمبر تي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائن. هن چيو ته 40 لک ماڻهن اسان سان رابطو ڪيو آهي جن مان 10 لک ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته اسڪيم تحت پوري سال تائين 2 هزار رپيا ڏنا ويندا.