اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ ججن جي مقرري جي حوالي سان پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هاءِ  ڪورٽس لاءِ 5 ججن جي مقرري جي منظوري ڏني وئي، سينيٽر فاروق ايچ نائيڪ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن  ۾ اقبال احمد ڪاسي، شوڪت علي رخشاني، گل حسن ترين، عامر نواز رانا، سردار احمد حليمي جي بطور جج مقرري جي منظوري ڏني وئي. ڪاميٽي سربراهه فاروق ايچ نائيڪ چيو ته ڪاميٽي هاءِ ڪورٽس لاءِ 5 ججن جي مقرري جي منظوري ڏني آهي، فهميده مرزا سميت سمورن ميمبرن اتفاق راءِ سان ججن جي مقرري جي منظوري ڏني.