لنڊن (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري  وزير اسحاق ڊار کي نئون پاڪستاني پاسپورٽ ملي ويو، ايندڙ مهيني وطن واپسي لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز ليگ قيادت نواز شريف اسحاق ڊار کي پاڪستان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کيس پاڪستان اچي معاشي ٽيم جو حصو بڻجڻ جو چيو هو. اسحاق ڊار واپس اچي ڪيسن کي به منهن ڏيندو ۽ قانوني ٽيم ٺاهي وئي آهي. ان سلسلي ۾ اسحاق ڊار تصديق ڪندي چيو آهي ته ايندڙ مهيني پاڪستان واپسي جي تياري ڪري رهيو آهيان، گهڻي قدر تياري مڪمل آهي، هن چيو ته صحت کي درپيش مسئلن جو علاج ايندڙ 10، 12 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، ناڻي وزارت جي قلمدان بابت فيصلو پارٽي قيادت ڪندي، عمران نيازي پاران داخل ڪرايل ڪيس جعلي آهي.