پير ڳوٺ ڀرسان پوليس مقابلو ڄاڻائي نئون ديرو واسي 3 نوجوانن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو

0
952

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پير ڳوٺ ڀرسان پوليس مقابلو ڄاڻائي نئون ديرو واسي 3 نوجوانن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته برادري جتوئي جي ڪچي ۾ مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا، جن وٽان 2 ڪلاشنڪوف ۽ رپيٽر هٿ آيا آهن، مارجي ويل ڏوهارين جي وقار سولنگي، علي ڏنو ابڙو ۽ ڌڻي ابڙو طور سڃاڻپ، علائقي ۾ جوابدارن کي پڪڙي فل فراءِ ڪرڻ جا چئوٻول ھلي رھيا آھن. جڏھن تھ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل 3 ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، وقار سولنگي جو لاش سندس ڀيڻ، علي ڏنو ابڙو ۽ ڌڻي بخش ابڙو جو لاش سندس ماسي حوالي ڪيا ويا، جڏھن تھ مارجي ويل نوجوانن جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو.