ٽنڊي مستي ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ٽڪر، 4 ڄڻا فوت ۽ 17 مسافر زخمي

0
258
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

ٽنڊو مستي (ن پ ا) ٽنڊي مستي ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 17 مسافر زخمي ٿي پيا، قومي شاهراهه تي ڀٽو ڳوٺ وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي، فوتين ۾ عورت، نينگري ۽ نينگر شامل، زخمين کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو, جڏھن تھ زخمين مان ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آھي. ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ حادثي تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ واقعي تي افسوس ٿيو آھي، واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏني وڃي.