اسلام آباد ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ، 2 پوليس اھلڪار شھيد

0
296

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي شمس ڪالوني ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دهشتگردي جي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي 8 کان 10 ڏينهن اندر اسلام آباد لاءِ نئين فورس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڊيو بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته افغانستان ۽ ايران سان لڳندڙ سرحدن کي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ بند ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، جيڪو هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو.