ڪراچي ۾ سب انسپيڪٽر مظفر چانڊيو جي آپگھات وارو مامرو: جاچ رپورٽ جاري

0
275

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ آءِ جي آفيس آڏو خودڪشي ڪندڙ ميرپور خاص واسي سب انسپيڪٽر مظفر چانڊيو معاملي جي جاچ مڪمل، ايڊيشنل آٰءِ جي عارف حنيف جي سربراھي ۾ جُڙيل ڪميٽي جاچ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، ڊي ايس پي اياز، اڪائونٽنٽ گلزار، ھيڊڪانسٽيبل دريا خان ۽ ريڊر عمران کي معطل ڪرڻ ۽ فوري طور عھدن تان ھٽائڻ جي سفارش، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سب انسپيڪٽر جي خودڪشي واقعي ۾ ڄاڻايل پوليس عملدار ڪنھن حد تائين ذميوار آھن، جاچ ڪميٽي طرفان روٽيشن پاليسي ۾ ردوبدل جي به سفارش ڪئي وئي آھي.