پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ويجهو ڳوٺ مور جهٻر شيخ جي رهواسي ٻوڏ متاثر نوجوان اختيار شيخ کي نانگ ڪکي وڌو. واقعي بعد نوجوان کي پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڳوٺاڻي علي رضا شيخ جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب بچاءُ تي ترسيل نوجوان اختيار شيخ کي نانگ ڪکڻ بعد اسپتال داخل ڪرايو ويو ، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي.