لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾برسات متاثر گونگن ۽ ٻوڙن واهر نه ٿيڻ خلاف فياض کهڙو، طالب بڙدي، صدام جمالي، زاهد کٽياڻ، نواز علي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي گونگن ۽ ٻوڙن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته برساتن سبب اسان جا گهر ڪري پيا، کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هن چيو درزڪي ڪم سان گڏ ٻيو پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا هئاسين پر هاڻي اسان وٽ ڪجهه به ناهي بچيو، راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏئي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.