پيرونمل (ن پ ا) پيرونمل ويجھو نوجوان ڪاٺيون ڪرڻ دوران مرگھي جو دورو پوڻ ڪري سم نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو، خبر موجب ڳوٺ سليمان وساڻ جو رھواسي 35 سالن جو الھبچايو  ولد گل محمد ڪنڀر ڪنڊياري لڳ ايل بي او ڊي سم نالي ڀرسان ڪاٺيون ڪندي گذريو ته کيس مرگھي جو دورو پيو، جنهن ۾ هو سم نالي اندر ڪري پيو، موقعي تي موجود ڌنارن ۽ وارثن پھچي نوجوان کي بيھوشي واري حالت ۾ رورل ھيلٿ سينٽر ڪنڊياري پھچايو، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجود نه ھجڻ ڪري نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش گهر پھچڻ تي ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو.