ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس جي ڪارروائي، جعلي انسپيڪٽر سميت 4 رڪني گينگ گرفتار،  ايس ايس پي سينٽرل معروف عثمان موجب بلال ڪالوني پوليس ڪارروائي دوران پاڻ کي پوليس آفيسر سڏائي شهرين کان ڦرلٽ ڪندڙ 4 رڪني گينگ کي گرفتار ڪيو، گينگ جو سربراهه سميع عرف صمد پاڻ کي انسپيڪٽر ظاهر ڪندو هو، هن  ساٿي جوابدار وقار کي  سپاهي بڻايو هو ، طلحه ڊانسر ۽ شهباز سادن ڪپڙن ۾ هوندا هئا.  ايس ايس پي سينٽرل موجب جوابدارن جي قبضي مان پوليس يونيفارم، 3 پستول، پوليس لائيٽ، 10 موبائل فون، 2 ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر سسٽم، هڪ گاڏي ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ آئي ، جوابدارن پستول جو ڪوڊ ميموري ڪارڊ رکيو هو، جوابدار اڻ ڳڻين وارداتن ۾ ملوث آهن