ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان پنھنجي  اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر سھيل يوسف ميمڻ جو مامون  قمرالدين ڪوھستاني ميمڻ  دل جو دورو پوڻ سبب 70 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنھن جي جنازي نماز درگاھ پير باقر شاھ جيلاني ۾  ادا  ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ علائقي واسين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ٻي طرف مرحوم جي لاڏاڻي تي پونيئرن سان تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آھي.