ڪنڌڪوٽ: 9 مقتولن جي وارثن مولوي فردوس چاچڙ ۽ ٻين پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته واقعي کي يترو ئي وقت گذري ويو آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هنن چيو ته هڪ اڌ خون ناهي ٿيل 9 خون ٿيا آهن، هٿياربندن خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ ۽ پوليس جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي، هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي پر انتظاميا خاموش آهي، ڄڻ اسين سنڌ جا رهاڪو ئي ناهيون، هنن چيو ته جيڪڏهن هٿياربندن خلاف ڪاروائي نه ٿي ته احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.