ملير (رپورٽر) پورٽ قاسم لڳ سمنڊ ڪناري قائم ملير جي قديمي درگاهه حسن شاهه جو ساليانو عرس شروع ٿي ويو، صوبائي وزير ساجد جوکيو، ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري، ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو، درگاهه جي گادي نشين سيد خدا ڏنو شاهه، پ پ اڳواڻ امداد جوکيو ۽ ٻين درگاهه تي چادر چاڙھي عرس جي شروعات ڪئي، ان موقعي تي ملڪ ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ  دعا گهري وئي، عرس اڄ کان ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو، عرس جي موقعي تي ٺٽو، بدين، گڏاپ، بلوچستان ۽ بن قاسم سميت سامونڊي پٽي جي رهواسي هزارين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ملاکڙو، راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي.