لنڊن(شوبز نيوز) آمريڪي پاپ اسٽار برٽني اسپيئرز ايران ڄائي نوجوان سيم اصغري سان مڱڻي جو اعلان ڪيو آهي.  39ورهين جي برٽني پنهنجي پراڻي دوست سيم سان مڱڻي جو اعلان انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل هڪ ويڊيو ذريعي ڪيو. گڏوگڏ اداڪار ۽ فٽنس ٽرينر اصغري به برٽني سان گڏ رومانوي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ گلوڪارا پنهنجي هٿ ۾ پاتل منڊي به ڏيکاري رهي آهي. هوڏانهن اصغري جي مئنيجر برينڊن ڪوهن به ٻنهي جي مڱڻي جي تصديق ڪندي چيو ته ان جوڙي پنهنجي پراڻي دوستي کي هڪ خوبصورت رشتي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. برٽني ۽ سيم جي پهرين ملاقات 2016 ۾ هڪ ميوزڪ ويڊيو جي سيٽ تي ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. ايراني تخت گاهه تهران ۾ پيدا ٿيندڙ اصغري 12 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي پيءَ سان گڏ لاس اينجلس منتقل ٿيو هو، جيڪو برٽني کان 12 سال ننڍو آهي. برٽني طرفان مسلمان ۽ پاڻ کان ننڍي عمر جي نوجوان سان مڱڻي تي سوشل ميڊيا واهپيدارن مليل جليل ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته برٽني 2004 ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي دوست جيسن اليگزينڊر سان شادي ڪئي هئي پر ان ئي سال ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي هئي. پوءِ برٽني گلوڪار ڪيون فيڊرلائن سان 2004 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ 2007 ۾ ان سان به طلاق ٿي وئي هئي، جڏهن ته گلوڪارا کي ٻئي مڙس مان ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي.