پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان ديھه طيب سھتو جي ڳوٺ صديق سھتو ۾ مگسي، زرداري ۽ سھتا برادرين ۾ 26 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪيءَ تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران علي نواز سھتو سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي صحت مرڪز پنگريو ۾ داخل ڪرايو ويو. صديق سھتي بابو سھتي ۽ ٻين دانھيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندن اباڻي زمين تي صابر مگسي ۽ بشارت زرداري زبردستي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا. هنن جو چوڻ هو ته ٻئي ڌريون بااثر ھئڻ سبب انتظاميا سندن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري. ھنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو وٽيس وٺي کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين پنگريو ٿاڻي تي جھيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.