ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي جامع مسجد عائشه صديقيه بس اسٽاپ تي ٽئنڪر ۽ هنداڻن سان ڀريل ڊاٽسن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊاٽسن ڊرائيور معجزاڻي طور بچي ويو، جنهن کي شهرين ڊاٽسن منجهان ٻاهر ڪڍيو ڊاٽسن ڊرائيور شير علي بلوچ معمولي زخمي ٿي پيو جنهن کي ابتدائي طبعي امداد لاءِ ميرواھ گورچاڻي پوليس اسٽيشن رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي نيو ويو.