ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت اسٽيل ملز ۾ 13 ملين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدارن ثمين اصغر، اصغر جميل رضوي، چوڌري شفيق عباس، طارق ارشاد ۽ ين کي شڪ جو فائدو ڏيندي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نيب پاران ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو هو ته جوابدارن ٺيڪن ۾ ڪرپشن ڪري اسٽيل ملز کي 13 ملين کان وڌيڪ جو نقصان پهچايو. جوابدارن خلاف 2012ع ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو هو. ياد رهي ته انهي کان اڳ احتساب عدالت ڪرپشن جي مختلف ڪيسن ۾ اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ ۽ ٻين کي بري ڪري چڪي آهي.