پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ موٽروي پوليس جي ايڊمن آفيسر  ڪار ڊرائيور تي تشدد ڪري رتورت ڪري ڇڏيو، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل. پنوعاقل جي بائيجي چوڪ وٽ قومي شاهراهه تي ٻن گاڏين ۾ حادثي بعد موٽروي پوليس جي اهلڪارن ڪار سوار ڊرائيور خدا بخش گڏاڻي کي مبينا طور  تشدد جو نشانو بڻائي روڊ تي گهليندا رهيا. تشدد جو نشانو بڻايل ڊرائيور ۽ سندس وارثن موٽر وي پوليس خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته اسان پنوعاقل کان سکر اسپتال وڃي رھيا ھئاسين، مريض ساڻ ھئا، بائجي چوڪ وٽ حادثي بعد ٽرالر ڊارائيور سان ڳالهائي رھيا ھئاسين موٽروي پوليس جي ايڊمن بيٽ 26 سبط حسنين ايندي ئي تشدد ڪرڻ شروع ڏنو. ٻئي پاسي موٽروي پوليس عملدارن جو چوڻ آھي ته ڪار ڊرائيور جي غلطي ھئي، سمجهائڻ لاءِ پھتاسين ته ھن جھيڙو ڪيو، تشدد وارو الزام بي بنياد آھي.