ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ برسات متاثرن تان موت ٽارو نه ڪيو، گيسٽرو ۽ مليريا وگهي 12 ٻارن سوڌو 21 ڄڻا فوت، علاج جون سهولتون اڻلڀ، خبر موجب ٺل ۾ مليريا وگهي 4 ڄڻا فوت ٿي ويا،  ڳوٺ علي شير ٻرڙو ۾ 20 ورهين جو عبدالحميد ٻرڙو، ڳوٺ علي مراد بروهي ۾ نوجوان اويس بروهي،  ڳوٺ محمد صديق نوناري ۾ 6 ورهين جي ڪونج لاشاري ۽ يوسي شيرواهه جي ڳوٺ عبدالحميد جعفري ۾ پيرسن عورت مليريا وگهي فوت ٿي وئي، قمبر ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وگهي 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل رليف ڪيمپ ۾ ڳوٺ نود مان چانڊيو واسي دلدار چانڊيو جي3 سالن جي ڌيءُ رحيمان چانڊيو،  ڳوٺ ڌڻي بخش چانڊيو جي رهواسي درمحمد چانڊيو جي 4 سالن جي ڌيءُ ارم چانڊيو ۽ ڳوٺ جمال چانڊيو جي رهواسي سهراب چانڊيو جي 10 سالن جي ڌيءُ رشيده چانڊيو مليريا سبب فوت ٿي ويون، هوڏانهن ڳوٺ قادر بخش دائوداڻي جي رهواسڻ 50 سالن جي ڌياڻي زال علي جان گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، ڄامشوري جي  گلشن شھباز ڪيمپ ۾ ترسيل بلوچستان واسي ارباب جمالي جي معصوم ٻارڙي گيسٽرو سبب فوت ٿي وئي، خيرپور ضلعي جي جاگير ڳوٺ واسي 7 ورهين جو ريحان شيخ گيسٽرو وگهي نئون ديرو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، واهي پانڌي ويجھو ڳوٺ سڄڻ جي پئي جو رھواسي ٻارڙو حمزهه لنڊ مليريا وگهي فوت ٿي ويو، شهدادڪوٽ جي ڳوٺ فقير محمد سناڻي بليدي لڳ پوليس چوڪي جو رھواسي 7 سالن جو غلام قادر سناڻي بليدي گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو، مٺياڻي ويجهو ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ 40 سالن جو عبدالله سولنگي مليريا سبب فوت ٿي ويو، گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ ڊرٻ جو رھواسي برسات متاثر مير محمد چانڊيو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ٺاروشاهه ويجهو ڳوٺ ڇٽل ابڙو واسي 35 سالا مسمات حرمت خاتون ۽ ڳوٺ ميوو خان چانڊيو واسي پيرسن غلام مصطفيٰ چانڊيو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، نوان جتوئي ڀرسان ڳوٺ مير حسن مري ۾ 24 سالن جو زاھد حسين مري فوت ٿي ويو، روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز مريدشاخ جي عيوضي علي گل شيخ جون 3 ڀينريون 12 سالا نازيه، 10 سالن جي سعديه ،8 سالن جي عاليه مليريا ۾ مبتلا ٿي ويون، جن مان سعديه اوٻاوڙي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، جڏھن ته ٻِن نينگرين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي، اڪري چودڳيءَ ڀرسان ڳوٺ وزيرعلي ابڙو واسي 60 سالن جو پيرسن حضوربخش ابڙو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، پنوعاقل جي ڪچي واري ڳوٺ حسين ٻيلي ۾ 2 ٻارڙا محمد اويس انڍڙ ۽ دلشير مهر گيسٽرو سبب فوت ٿي ويا، قاضي احمد شھر توڙي آسپاس جي ڳوٺن ۾ ھڪ ھفتي دوران 18417 مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا آھن،