جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سول اسپتال ۾ حڪمران جماعت جي شاگرد ونگ جي ضلعي صدر ساٿين سميت مبينا طور ڪاهه ڪري عملي ۽ ڊاڪٽرن کي گارگند ڪري ايمرجنسي وارڊ ۾ ڀڃ ڊاھه ۽ هوائي فائرنگ ڪئي، واقعي خلاف ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن ڊاڪٽر حسن رضا کوسو، ايم ايس ڊاڪٽر انيس سنجراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري بائيڪاٽ ڪري  ايمرجنسي وارڊ ٻاهران ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هنيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سپاف جي ضلعي صدر بابر ٿهيم ايمرجنسي وارڊ ۾ڊاڪٽرن ۽ عملي کي گارگند ڪئي ۽ اسپتال ۾ پيل سامان ٽوڙي ڇڏيو.جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان تي ٺاھه لاءِ زور ڀريو پيو وڃي، انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته ٻين ملڪن ۾ ڊاڪٽرن کي عزت سان ڏٺو ويندو آهي هتي اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي هنن چيو ته سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ تي حملي واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هوڏانهن سول اسپتال جي واقعي کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ احتجاجن طور سيٽ تان استعيفا ڏئي هليو ويو آهي.