پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ ھڪ ھفتو اڳ گهر مان ٿيل چوريءَ ۾ گھر ڌڻيءَ جو پٽ ئي ملوث نڪتو، پوليس ٽن جوابدارن کي سڳ سوڌو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، ڪيس داخل. خبر موجب پنوعاقل جي غريب آباد واري علائقي ۾ ھڪ ھفتو اڳ گھر مان ٿيل چوريءَ ۾ فريادي جو پٽ ئي ملوث نڪتو. غريب آباد واسي وزير ڀٽو جي گھر ھڪ ھفتو اڳ چور موٽرسائيڪل ۽ جنريٽر ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا ھئا، جنھن جي ايف آءِ آر سٽي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي هئي. سٽي پوليس موجب چوريءَ ۾ ملوث فريادي جي پٽ منو ڀٽو ۽ سندس ٻن ساٿين سراج ۽ شفو چاچڙ کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جن وٽان چوري ٿيل سامان ۽ ٻه پستول برآمد ڪيا ويا آھن. جوابدارن ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي. سٽي پوليس گرفتار ٿيل ٽنهي جوابدارن مٿان وزير ڀٽو جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آھي.