سکر (بيورو رپورٽ) مختيارڪار روينيو نيو تعلقي طرفان مبينا طور عدالت ۾ غلط رپورٽ جمع ڪرائڻ وارو معاملو، ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر شھزاد طاھر ٿھيم ميمبر بورڊ آف روينيو حيدرآباد کي مختياڪار روينيو انيس الرحمان ٻرڙو خلاف محڪماجاتي ڪارروائي لاءِ ليٽر لکي ڇڏيو. مليل ڄاڻ موجب مختيارڪار روينيو کان عدالت سڳوري طرفان مشتاق احمد جي پراپرٽيءَ جا تفصيل گھرايا ويا ھئا، جنھن تي مختياڪار غلط بياني ڪندي مشتاق جي پراپرٽي نه ھجڻ جي عدالت کي ڄاڻ ڏني وئي هئي. عدالت طرفان معاملي بابت مختياڪار روينيو انيس الرحمان ٻرڙو کي پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو پر ھو پيش نه ٿيو، جنھن کان پوءِ عدالت ڄاڻايل معاملو اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڏانھن منتقل ڪيو، عدالت ڊي سي سکر کي پابند بڻايو ته مختياڪار کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، اِن باوجود انيس الرحمان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنھن تي عدالت ڊي سي سکر کي سندس خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو.