سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر سول اسپتال مان پراسرار طور گم ٿيل ٻارڙو هٿ نه اچي سگهيو، وارڊ انچارج سميت ڊاڪٽرن، ليڊي ڊاڪٽر، اسٽاف نرس، ٽيڪنيشن، وارڊ بوائز ۽ چوڪيدار خلاف ايف آءِ آر داخل. تفصيل موجب سکر سول اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ مان 4 ڏينھن اڳ پراسرار طور لاپتا ٿي ويل تازو ڄاول ٻارڙي غالب حسين ولد محمد موسيٰ گولو جي اغوا جي ايف آءِ آر سي سيڪشن ٿاڻي تي ٻارڙي جي ڏاڏي عبدالغني گولو جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ٻارڙن واري وارڊ جي انچارج سينيئر ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ، ڊاڪٽر خادم منگي، ٻن ليڊي ڊاڪٽرز، اسٽاف نرس، وارڊ بوائز، ٽيڪنيشن ۽ سيڪيورٽي گارڊ کي جوابدار ڄاڻايو ويو آھي. فريادي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته 11 آڪٽوبر تي پوٽي غالب حسين کي علاج لاءِ سول اسپتال جي آءِ سي يو چلڊرين وارڊ ۾ داخل ڪرايو. ڊاڪٽر ماھين پرچي لکي ڏني ۽ چيو ته اوھان جي ٻار جي ليبارٽري ٽيسٽ ٿيندي. اهڙي طرح منھنجي گھرواري نظيران کي اسٽاف نرس صائمه عباسيءَ چيو ته اوھان جي ٻار جا ڪپڙا تبديل ڪرڻا آھن، کڻي اچو. اسان واپس وارڊ ۾آياسين ته منھنجو پوٽو غالب حسين غائب ھو، اسان عملي کان پڇا ڪئي، ٻار جي گم ٿيڻ تي دانهون ڪيون ته ٽيڪنيشن انور علي، وارڊ بواءِ عطاءُ الله ميراڻي، بشير پٺاڻ، سيڪيورٽي گارڊ اظھار سھتو دڙڪا داٻا ڏنا. وارڊ انچارج ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ 15 آڪٽوبر تي پھچي عملي سان ميٽنگ ڪئي۽ اسان کي ٻڌايو ته توھان جي ٻار گم ٿيڻ ۾ اسان جي ڪا به ذميواري ناھي، توھان کي جيڪو ڪرڻو آھي وڃي ڪريو. فريادي ايف آءِ آر ۾ الزام مڙھيو آھي ته ڄاڻايل جوابدارن گڏجي 16 ڏينھن جي غالب حسين کي اغوا ڪرايو آھي. ايف آءِ آر ۾ فريادي ڪٿي به نامعلوم عورت جو ذڪر ناھي ڪيو. واضح رهي ته ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ، جي ايم سي پرنسپل ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي ٻارڙي جي اغوا متعلق ٻه الڳ الڳ ڪاميٽيون قائم ڪيون آھن، پر ھن وقت تائين ٻارڙي جي بازيابي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.