ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپور ماٿيلو ۾ جيءَ کي جھوريندڙ واقعو، عورت پنھنجي معصوم ٻارڙن سامھون دم ڏئي ڇڏيو، ٻار لاش مٿان روئيندا رھيا. ميرپورماٿيلو جي مندر گلي ۾ پينو فقيرياڻي پراسرار نموني فوت ٿي وئي، جنھن جو لاش ھڪ ڪلاڪ تائين رستي تي پيل رھيو. فوتي عورت جا ٻارڙا ماءُ جي لاش مٿان روئيندا رھيا. جڏھن ته ھڪ معصوم ٻار ماءُ جي لاش مٿان خيرات طور مليل ماني کائيندو رھيو. عورت جو لاش ڏسي شھري گڏ ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي عورت جو لاش کڻائي ڊي ايچ او اسپتال منقتل ڪيو. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڄاڻايل عورت شھر اندر گداگري ڪري پنھنجو ۽ ٻارن جو گذر سفر ڪندي ھئي. فوتي عورت جي سڃاڻپ صادق آباد واسڻ ڪويتا طور ٿي آهي. ٻن ڪلاڪن بعد عورت جي مڙس پهچي لاش وصول ڪيو. عورت جو لاش وصول ڪندڙ بالم ٻڌايو ته سندس زال بيمار ھئي.